هزاره ايڪسپريس حادثو: ريلوي جا 6 آفيسر ۽ ملازم معطل

نوابشاهه (ن س )هزاره ايڪسپريس ٽرين حادثي تي ريلوي اختيارين 6 آفيسرن ۽ ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطل ٿيلن ۾ گريڊ 18 جا ٻه ۽ 17 گريڊ جو هڪ آفيسر شامل آهي.نوٽيفڪيشن موجب 18 گريڊ جي معطل ڪيل آفيسرن ۾ ڊويزنل ايگزيڪيوٽو انجنيئر سقر حافظ بدرالعارفين ۽ ورڪس مئنيجر ورڪشاپ ڪراچي عاطف اشفاق شامل آهن.اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر نواب شاهه مشرف مجيد، گريڊ 14 جو پاور ڪنٽرولر بشير احمد ۽ گريڊ 12 جي انسپيڪٽر محمد عارف کي به معطل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو