هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري بابت رولز ۾ ترميم، هاڻي انٽرويو ٿيندا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ججن جي تقرري بابت پارليماني ڪميٽي هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرر ي لاءِ رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن بعد هو نامزد ڪيل ججن کي طلب ڪري سندن انٽرويو ڪري سگهندي. پارليماني معاملن جي وفاقي وزير علي محمد خان جي صدارت م ٿيل اجلاس ۾ اهڙي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي پنهنجي اهڙي فيصلي بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نامزد ڪيل ٽن ججن کي 4 ڊسمبر تي انٽريو لاءِ سڏائي ورتو آهي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪيل ٽن مان ٻن ججن جي مقرري بابت اسلام آباد بار ڪائونسل اعتراض ڪيو آهي ته هو غير مقامي جج آهن. قانون موجب سڀني صوبن مان جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻا آهن پر اسلام آباد بار ڪائونسل جو موقف آهي ته رڳو اسلام آباد مان جج مقرر ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو