هاءِ برڊ جنگ آهي، دشمنن کي شڪست ڏينداسين، فوجي ترجمان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جنرل پرويز مشرف کي خصوصي عدالت پاران سزا بابت تفصيلي فيصلي اسانجي خدشن جي تصديق ڪئي آهي. فيصلي ۾ استعمال ڪيل لفظ، انسانيت، مذهب، تهذيب ۽ ڪنهن به قسم جي اقدار کان بالا تر آهن. اهڙو اظهار فوجي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور تڪڙ ۾ سڏايل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن ٻڌايو ته تفصيلي فيصلي بعد آرمي چيف وزيراعظم سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي جنهن جو تفصيل حڪومتي ترجمان جلد ٻڌائيندا. فوج هڪ منظم ادارو آهي جيڪو ڪم دنيا جي ڪا فوج نه ڪري سگهي اهو عوام جي مدد سان پاڪ فوج ڪيو ڇو ته هي عوامي فوج آهي. هن چيو ته هائبرڊ وار جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. دشمن قوتون اسانکي داخلي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ بيروني قوتن ان جو فائدو وٺندي ڌمڪيون ڏنيون. ڀارتي آرمي چيف جو بيان اوهان جي سامهون آهي. آرمي چيف ڪالهه چيو هو ته ملڪي استحڪام لاءِ وڏي قرباني ڏني آهي ان کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين، اسين بيروني ۽ اندروني دشمنن کي شڪست ڏينداسين. اسان لاءِ ملڪ اڳ ۾ آهي فوج بعد آهي اسين ملڪي ۽ اداري جي وقار جو ڀرپور دفاع ڪنداسين. منهنجي عوام کي اپيل آهي ته فوج تي اعتماد رکو اسين ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، اندروني ۽ بيروني دشمنن کي شڪست ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو