ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ آئيني ترميم جو معاهدو طئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ آئيني ترميم تي اتفاق ٿي ويو.مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 140 ۾ ترميم تي اتفاق ڪري ورتو آهي.ن ليگ طرفان احسن اقبال جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان مصطفيٰ ڪمال معاهدي تي صحيحون ڪيون.معاهدي موجب آرٽيڪل 140 تحت صوبن کي ملندڙ فنڊ ضلعي حڪومتن کي ڏنا ويندا.مسلم ليگ ن سان ٺاهه کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ووٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو