نيپرا ڪراچي واسين تي بجلي ڪيرائي ڇڏي،اڍائي رپيا مهانگي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جون جي فيول ايڊجسٽمينٽ کانپوءِ ڪراچي جي عوام لاءِ بجلي به مهانگي ڪئي وئي. اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 31 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي.ان واڌ کانپوءِ ڪراچي جي صارفين تي 4 ارب 30 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو.ڪراچي ۾ بجلي جي صارفين کي اهي اضافي ادائگيون آگسٽ ۾ ادا ڪرڻيون پونديون.نيپرا اختيارين موجب اهو اضافو جون جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جنهن جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ جي لائف لائن صارفين تي نه ٿيندو.نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي وسيلن مان 24 رپيا 90 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي.نيپرا عملدارن جو اهو به چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت کان وصول ڪيل بجلي جي قيمت 11 رپيا 56 پئسا في يونٽ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو