نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جو پنهنجي بواءِفرينڊ سان شادي جو اعلان

ڪرائسٽ چرچ( م ڊ) هلندڙ سال 15 مارچ تي نيوزي لينڊ جي شهر ڪرائيسٽ چرچ جي مسجد تي دهشتگردن جي حملن ۾ 50 نمازين جي شهادت کان پوء مسلمانن سان ڏک جو اظهار ڪرڻ تي شهرت حاصل ڪرڻ واري نيوزي لينڊ جي وزير اعظم جيسنڊا آرڊرن جيون ساٿي چونڊي ان سان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي. جيسنڊا آرڊرن پنهنجي دوست ۽ ٽي وي اينڪر پرسن 41 سالن جي ڪلارڪ گيفورڊ سان گذريل هفتي مڱڻي ڪئي هئي. ٻنهي ان وقت مڱڻي ڪئي جڏهن نيوزي لينڊ جي اليڪشن ۾ هڪ سال بچو آهي. جيسنڊا آرڊرن جي طرفان مڱڻي ڪرڻ جي فيصلي کي سياسي مقبوليت ملڻ سبب ميڊيا ۾ دلچسپي سان ڏٺو وڃي ٿو. جيسنڊا آرڊرن ۽ ڪلارڪ گيفورڊ هڪٻئي جا جيون ساٿي اڳ ۾ ئي هئا ۽ ٻنهي 21 جون 2018 تي پهريون ٻار به پيدا ڪيو هو پر هاڻي با ضابطه شادي جو فيصلو جيو اٿائون. رپورٽ مطابق ڪلارڪ گيفورڊ جيسنڊا آرڊرن کي هيرن جي منڊي پارائي ان موقئي تي ٻئي انتهائي خوش نظر آيا. وزير اعظم جي ترجمان مطابق ٻنهي جي شادي جي حوالي سان ڪابه تاريخ اڃا طئي ناهي ٿي. چيو پيو وڃي ته هو نومبر 2020 کان پهريان شادي ڪندا. تجزيه ڪارن  جو چوڻ آهي ته جيسنڊا آرڊرن 5 سال پهريان ڪلارڪ گيفوزڊ کي پنهنجو جيون ساٿي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ بطور وزير اعظم ٻار کي جنم ڏئي وڌيڪ شهرت حاصل ڪئي. جيسنڊا عهدي تي رهندي ٻار ڄڻڻ واري دنيا جي ٻئي عورت وزير اعظم آهي،  پهرين وزيراعظم طور ٻار ڄڻڻ واري عورت بينظير ڀٽو هئي جنهنن بختاور ڀٽو زرداري کي جنم ڏنو هو. دلچسپ ڳاله اها آهي ته جيسنڊا آرڊرن ٻار کي ان ڏينهن جنم ڏنو جنهن ڏينهن بينظير پٽو پيدا ٿئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو