ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)35هين نيشنل گيمز ۾پاڪستان آرمي 353 ميڊل کٽي ميدان ماري ورتو. سنڌ جي گادي واري شهر ۾8 ڏينهن کان جاري رهندڙ نيشنل گيمز ڇنڇر تي پڃاڻي تي پهتيون. تقريب ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير مهمانِ خاص هئا.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو، فيلڊ مارشل کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ به پارايو ۽ سندس آمد تي شڪريو ادا ڪيو.
6 ڊسمبر کان 13 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ نيشنل گيمز جي اختتامي تقريب نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي وئي.
چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه ۽ سنڌ جيِ راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر پڻ موجود هئا.
آرمي مجموعي طور 353 ميڊلز حاصل ڪري قائداعظم ٽرافي کٽي، جڏهن ته واپڊا 232 مجموعي ميڊلز سان ٻئي ۽ نيوي 110 ميڊلز سان ٽئين پوزيشن تي رهي.
گيمز دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي انعام به ڏنا ويا، جڏهن ته آخر ۾ نيشنل گيمز جو جهنڊو پنجاب اولمپڪ ايسوسيئيشن جي عهدديدارن حوالي ڪيو ويو، جتي ايندڙ قومي گيمز منعقد ڪيون وينديون.
سي ڊي اي جو مولانا کي نوٽيس، حددخليون هٽائڻ جو حڪم
ڪراچي سميت صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري
لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جو فيصلو
بائنانس، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري، اتر ڪوريا تي شڪ
سنگاپور ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
آسيان ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت، سهڪار جي خاطري
ڪوٽڙي، ٻن برادرين جي جهيڙي ۾ نوجوان قتل، ماءُ صدمي ۾ فوت
ميرپورخاص ۾ ڀاءُ جي مبينا فائرنگ، ڀيڻ قتل
پاڪستان صحافت ۽ صحافين لاءِ انتهائي غير محفوظ ملڪ قرار
سکر ڊويزن ۾ پکين جي غيرقانوني شڪار تي قلم 144 لاڳو
اسلام آباد پوليس جي 10 ڊي ايس پيز جي ايس پي طور ترقي
بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 5 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا
اپوزيشن کي چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري بجلي واهپيدارن لاءِ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو امڪان
بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
28هين ۽ 29هين ترميمن تي پ پ جو موقف ڏسڻو پوندو: جتوئي
ٽريفڪ نظام لاءِ سيف سٽي منصوبي کي وڌائڻ جو فيصلو
ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن جي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد
جعلي پوليس مقابلو ثابت، اهلڪار کي موت جي سزا
سنڌيار ڪراچي 30 آڪٽوبر 2026ع










