نيب چيئرمين جو ويڳو ڀاءُ والدين جي قتل ڪيس مان بري

لاهور (ڊيسڪ نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ نيب جي چيئرمين جاويد اقبال جي والدين جي قتل ۾ ملوث سندس ويڳي ڀاءُ ۽ ٽن ٻين ملزمن کي موت جي سزا واري فيصلي کان آجو ڪندي بري ڪرڻ جو فيصلو ڏنو آهي. ”جيو نيوز“ جي خبر مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صداقت علي خان جي سربراهيءَ ۾ قائم ٿيل ٻه رڪني بئنچ ملزمن کي موت جي سزا ڏيڻ واري ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻڌڻي مڪمل ڪندي ناڪافي ثبوتن ۽ گواهين جي بنياد تي ملزمن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ملزمن ۾ نيب چيئرمين جاويد اقبال جو ويڳو ڀاءُ نويد اقبال به شامل آهي. ٻين ملزمن ۾ عباس ۽ امين شامل آهن. واضح رهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي والدين کي 2011 ۾ لاهور شهر واري رهائشگاهه تي قتل ڪيو ويو. جنهن الزام ۾ نويد اقبال کي به گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو