نياڻيءَ جا قاتل ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن: امڙ

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي) چار سال اڳ ايل ايڇ وي ڊاڪٽر رخسانا سومرو کي قتل ڪرڻ وارو معامرو، رخسانا سومرو جي امڙ زليخان خاتون پنهنجي ڌيئرن سميت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چار سال اڳ بيگناهه نياڻي کي شھر ۾ قتل ڪيو ويو منهنجي نياڻي ڊيوٽي تان واپس گھر اچي رھي هئي ته بشير چولياڻي چانڊيو کيس بيگناھ قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو. قتل جو ڪيس ھينئر ماڊل ٽرائل ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ منتقل ٿيل آھي ڪيس پڻ اتي ھلي رھيو آهي قمبر جي ايس ايڇ او واحد بخش لاشاري، ڪيس جو آءِ او محمد صديق جھتيال ۽ ايس آءِ اظھر لاشاري ڪيس تان بيان ڦيرائڻ لاءِ دٻاءُ وجھي رھيا آھن ته اوھان  فيصلو ڪريو راڄوڻي لاء  ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيا آھن. ھنن گھر ڪندي اپيل ڪئي آهي ته آرمي چيف، ڊي جي رينجرس سنڌ، چيف جسٽس،  آءِ  جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڏيارين ۽ ھراسان ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو