اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جي گذريل ڪجهه ڏينهن جي حرڪتن سان سندس فاشسٽ هجڻ ظاهر ٿي ويو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماڻهن کي انساني ڍال بڻائي پوليس تي پيٽرول بم حملن ۽ عدليا کي ڌمڪائڻ لاءِ جٿن جي قيادت تائين عمران نيازي جو فاشسٽ ۽ عسڪريت پسند ٿيڻ ظاهر ٿي ويو.هن چيو ته عمران نيازي واضح طور تي ڀارتي انتهاپسند جماعت آر ايس ايس پي پيروي ڪري رهيو آهي.
