نوڪري بهاني گهرايل شخص 14 لک ڀنگ بعد يارو لنڊ مان آزاد

اوٻاوڙو (اسد علي گهنڃو) نوابشاهه مان اغوا ٿيل مغوي 14 لک روپيه ڀنگ ڀري يارولنڊ مان آزاد، ڀنگ وٺندڙ جوابدارن جو وڊيو رڪارڊ ڪيو ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي کي ثبوت پيش ڪيا ويا پر ڪا به ڪاروائي نه ٿي سگهي. هڪ هفتو اڳ نواب شاھ جي ڳوٺ ميرجان محمد خاصخيلي جي رهواسي مسعود خان خاصخيلي کي يارو لنڊ مان علي گل نالي هڪ شخص فون ڪري اهو چئي گهرايو ته اسان کي هڪ ماڻهو جي ضرورت آهي جيڪو زمين جي سار سنڀال ڪري جنهن کي ماهوار 40 هزار روپيه ۽ کاڌو پيتو رهائش وغيره ڏني ويندي جنهن بعد هو نوابشاه مان گهوٽڪي جي علائقي يارو لنڊ پهتو جتان هن کي اغوا ڪيو ويو. مغوي مسعود خان خاصخيلي موجب ته هن کي اغوا بعد تشدد جو نشانو بڻايو ويو هن جي فون تان اغوا ڪارن ڀاء گل محمد سان رابطو ڪري 50 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو ويو جنهن بعد رعايت ڪري آزادي جو معاملو 14 لک تي طئه ٿيو ان سموري معاملي بابت هن جو ڀاء گل محمد خاصخيلي ايس ايس پي گهوٽڪي سان ملاقات ڪري آگاه ڪيو پر پوليس هنن جي ڪابه مدد نه ڪئي جنهن بعد هن جو ڀاء گل محمد ڀنگ جي طئه ٿيل رقم 14 لک روپيه کڻي يارولنڊ پهتو جتي اغوا ڪارن موٽرسائيڪل تي پنهنجي ٻن ماڻهون کي موڪليو جن هن کان رقم ٿاڻي جي سامهون وصول ڪئي. ان سڄي معاملي جي چوري وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا پڻ ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار کي ڏيکاري وئي. مغوي مسعود خان خاصخيلي موجب ته آزاد ٿيئڻ بعد هو يارو لنڊ ٿاڻي تي پهتو جتان پوليس هن کي ايس ايس پي آفيس کڻي وئي جتي ايس ايس پي وٽ پيش ڪيو ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار مبارڪ باد ڏيندي چيو ته ڀلو ٿيو ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهيو پنهنجي ٻچڙن سان وڃي عيد ملهايو باقي اغوا ڪارن کي بعد ۾ ڏٺو ويندو. مغوي مسعود خاصخيلي موجب ته اغوا ڪار پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي فقير ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ ڪجه ڏينهن هڪ گهر ۾ ترسايو جتي گهر ۾ پيل پيتي تي عبدالجبار پتافي جو نالو لکيل هو. اغوا ڪارن کان بازياب ٿيل مغوي مسعود خاصخيلي ڊي آء جي سکر آء جي سنڌ کان ڀنگ جي ڀريل رقم 14 لک روپيه واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو