اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان جي وچ ۾ گذريل سال 25 نومبر تي معاملا طئي ٿي ويا هئا جنهن جي تحت عمران خان کي آزاد ڪرڻو هو.هڪ نجي ٽي وي شو ۾ ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهيون 3 نومبر تي شروع ٿيڻيون هيون جنهن جي لاءِ 4 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي هئي جنهن ۾ علي امين گنڊاپور، بيرسٽر گوهر، محسن نقوي ۽ راڻا ثناءُالله شامل هئا، بعد ۾ مان به انهي ۾ شامل ٿي ويس.شير افضل مروت موجب حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڪجهه ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو هو جن ۾ عمران خان کي آزاد ڪرڻ به شامل هو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته گهرو وزير محسن نقوي بيرسٽر گوهر ۽ بيرسٽر سيف کي پنهنجو جهاز ڏنو ته اهو وڌيڪ وضاحت جي لاءِ ملاقاتون ڪري سگهي انهي کان پوءِ 25 نومبر جي رات بيرسٽر گوهر کي جيل اماڻيو ويو جتي عمران خان وڊيو رڪارڊ ڪرائي هئي، انهي معاهدي جي تحت عمران خان کي ٻئي صبح تي آزاد ڪرڻو هو.قومي اسيمبلي جي ميمبر وڌيڪ چيو ته رياست جو انهي وقت تائين ڪوبه ارادو نه هو، جيستائين رينجرز جو واقعو نه ٿيو هو. رياست ۽ حڪومت جي وڏي ڪوشش هئي ته ڪوبه تڪرار نه ٿي سگهي. بيرسٽر گوهر عمران خان کي چيو ته اوهان هڪ وڊيو ٺاهي ڏيو ته جيئن جيڪي ماڻهو خيبرپختونخواهه کان اچي رهيا آهن اسان انهن کي اها وڊيو ڏيکاري سگهون ته جيئن ماڻهو سنگجاني کان اڳيان نه وڌن ۽ سنگجاني تي انهي وقت تائين بيهڻو آهي جيستائين عمران خان ٻاهر نه اچي.شير افضل مروت چيو ته عمران خان بيرسٽر گوهر کي چيو ته اوهان مون کي پنهنجو موبائل ڏيو پر بيرسٽر گوهر کان جيل عملي موبائيل ويٺي ڇڏيو هو انهي لاءِ هن چيو ته مون وٽ ته موبائل نه آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ جيل واري اڳيان وڌي پنهنجو موبائل ڏيڻ جي لاءِ چيو ته عمران خان چيو ته نه مون کي انهي موبائيل تي شڪ آهي، هي ماڻهو انهي تي ٽيمپرنگ ڪندا.شير افضل مروت پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته انهي تي به ڪافي بحث ٿيو ته اوهان سلاخن طرف منهن ڪري وڊيو ٺاهيو پر بعد ۾ اهو طئي ٿيو ته بيرسٽر گوهر ٻئي ڏينهن صبح جو پاڻ سان گڏ پنهنجو موبائل کڻي ايندو. پر رات جو ئي رينجرز وارو واقعو ٿي پيو جنهن کان پوءِ بيرسٽر گوهر کي ٻئي ڏينهن صبح جو اچڻو هو پر اهو اچي نه سگهيو. شير افضل مروت چيو ته جيڪڏهن رينجرز اهلڪارن وارو واقعو نه ٿئي ها ته نه صرف خان صاحب ٻاهر هجي ها پر ڪيترائي معاملا به حل ٿي وڃن ها.










