نوشهرو۽ ميرپور ۾ باهه جي ڌارڌار واقعن ۾ لکن جو سامان سڙي ويو

نوشهروفيروز/ ميرپور ماٿيلو(ڊ ر) سنڌ جي ٻن مختلف شهرن ۾ باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. پورهيتن ازالي لاءِ انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي. مشتاق مري موجب نوشهرو فيروز ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ڀرسان مارڪيٽ ڏانهن ويندڙ گهٽي ۾ پيش آيو. جنهن ۾ ٻن ڪيبنن ۽ ريڙهن کي اوچتو باهه لڳي وئي عيد لاءِ گهرايل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. سامان سڙي وڃڻ بعد فائربرگيڊ پهتي. ڪيبن مالڪ عمران علي حڪومت کي مدد جي اپيل ڪئي آهي. هوڏانهن ميرپور ماٿيلو مان ظهير وسير موجب ڳوٺ صابرڇڄڻ ۾ چلھ جي چڻنگ مان اوچتو ھڪ گھر کي باھ لڳي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ٽن گهرن کي وڪوڙي وئي.

جنھن سبب ڳوٺاڻن حاڪم علي ڇڄڻ غلام سرور ڇڄڻ ۽ عاشق ڇڄڻ جا گھر مڪمل سڙي ويا. باهه سبب هڪ مينھن پڻ سڙي مري وئي ان کان علاوھ ڪيترائي مڻ اناج، کٽون، بسترا، ٽيليوزن، فرنيچر ۽ گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن موجب فائر برگيڊ ان مھل پھتي جڏھن ٽيئي گھر مڪمل سڙي ويا ھئا. متاثر ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو