نوري آباد حادثي ۾ مرندڙ 15 مان 5 هڪ ئي ڪٽنب جا آهن

حيدرآباد/ڪراچي (نمائندن وٽان)نوري آباد ويجهو مسافر وين کي حادثي بعد باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ مسافرن جو انگ 15 ٿي ويو آهي.5 ٻيا مسافر زخمي آهن، فوتين کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو وي، جتي لياقت آباد سان تعلق رکندڙ هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي سڙي فوت ٿيان جن ۾ 3 عورتون هڪ ٻارڙي ۽ هڪ مرد شامل آهن. سندن وارثن جو چوڻ آه ته اسانکي لاش سڃڻپ باوجود نٿا ڏين پوليس چوي ٿي ڊي اين اي رپورٽ بعد لاش ملندا. جڏهن ته ويگن جا شيشا ڀڃي 5 مسافرن کي بچايو ويو. هڪ سال جي ٻارڙي معجزاڻي طور محفوظ رهي. ويگن جو ڊرائيور زخمي آهي جنهن ٻڌايو ته اوچتو اڳيان واري گاڏي جو بونٽ ويگن جي سامهو ڪريو ۽ ويگن ڪلٽي کاهي ۾ ڪري پئي.سنڌ جي وڏي مراد علي شاهه ۽ ٽرانسپورٽ وارَي وزير اويس قادر شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جوکيا موڙ وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين ڪلٽيون کائيندي کاهي ۾ ڪري پئي جتي کيس باهه وڪوڙي وئي. موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته باهه گيس سلينڊر ڦاٽن سبب لڳي. اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي حادثي جي فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو . فائر برگيڊ جي گاڏي باهه وسائي. موٽر وي ترجمان موجب سڙي تباهه ٿي ويل وين مان 14 لاش ۽ 5 زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو