نوجوان جو پکي مان ٽنڳيل لاش هٿ

سکر(بيورو رپورٽ) سکر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج ڪالوني واري علائقي ۾ 10هين ڪلاس جي شاگرد محرم علي پٽ غلام مرتضيٰ شيخ جو گھر مان پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي.ان ڏس ۾ اي سيڪشن پوليس سان رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته 15 سالن جي محرم علي شيخ جو لاش گھر جي ڪمري مان ڇت واري پکي ۾ لٽڪيل هٿ آيو آهي. لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ وارثن کي چيوسين ته وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو. معامرو خودڪشي جو لڳي ٿو. نوجوان جي خودڪشي بابت سندس وارثن جو چوڻ آهي ته خودڪشي جو ڪارڻ کين معلوم ناهي. جنهن سبب واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو