ميئر وسيم اختر پٽ جي غلطي تسليم ڪندي معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر نوجوان کي تشدد بڻائڻ تي پٽ جي غلطي تسليم ڪندي معافي وٺي ڇڏي نوجوان جي گهرڀاتين پاران معافي قبول. درخشان ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد وسيم اختر حسنين حيدر جي گهر پهچي ان جي والدين کان پنهنجي پٽ تيمور وسيم جي غلطي تسليم ڪندي معافي ورتي. نوجوان جي والد محبوب عباسي ڊان کي ٻڌايو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ ميئر وسيم اختر ان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته سول سوسائٽِ ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن گذريل ڏينهن ۽ اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ان واقعي خلاف احتجاج ڪيو هو. واضح رهي ته ڪراچي جي ميئر ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ وسيم اختر جي پٽ ۽ ٻين خلاف ڊفينس ۾ هڪ نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. انتظاميه مطابق نئين سال جي رات نوجوان وسيم اختر جي پٽ تيمور وسيم ۽ ٻين کي هوائي فائرنگ ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هنن ان کي تشدد جو نشانو بڻايو. درخشان ٿاڻي جي پوليس آفيسر چيو ته تيمور وسيم ۽ ان جي گارڊن سميت 10 ماڻهن خلاف 31 ڊسمبر جي رات 19 سالن جي شاگرد حسنين حيدر تي تشدد ڪرڻ وارو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ قلم 337 ايڇ، 337، 427، 506 اي ۽ 34 شامل آهن. ايف آءِ آر ۾ شڪايت ڪندڙ موقف اختيار ڪيو ته هو پنهنجي دوست سان گڏ ڊفينس فيز 8 جي هڪ پيٽرول پمپ وٽ ٻين دوستن جو انتظار ڪري رهيو هو ته ان دوران ويگو گاڏيون رات جو تقريبن 10 وڳي اُتي آيون جنهن ۾ گارڊن سميت 8 کان 10 ماڻهو سوار هيا. هن چيو ته گاڏين ۾ سوار ماڻهن هوائي فائرنگ ڪئي ۽ جڏهن انهن کان فائرنگ جو سبب پڇيو ته پهريان هنن گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ وري ٻيهر فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن کان پوءِ شڪايت ڪندڙ پنهنجي دوستن سان گڏ پنهنجي گاڏي ۾ اتان هليو ويو پر جيئن ئي هو ان علائقي جي حمزه مسجد ويجهو پهتا ته ويگو گاڏين ۾ سوار ماڻهن انهن کي روڪيو جنهن بعد تيمور وسيم گاڏي مان لٿو ۽ نوجوان جي ويجهو اچي پسٽل جا بٽ هنيا جڏهن ته ان جي گارڊن به نوجوان مٿان تشدد ڪيو. هن جو چوڻ هو ته تيمور وسيم جي گارڊن ان کي پنهنجي گاڏي ۾ زبردستي ويهارڻ جي به ڪوشش ڪئي پر مزاحمت تي هو سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندا روانا ٿي ويا. درخشان ٿاڻي جي آفيسر چيو ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري هن وقت تائين عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو