نواز شريف جي طبيعت ۾ بهتري، پٽ ۽ ناٺي پاران زهر ڏيڻ جو الزم

لاهور(ويب ڊيسڪ) العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ سزا کاڌل اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف  نيب جي حراست ۾ طبيعت بگڙڻ بعد کيس نيب ٽيم سروسز اسپتال لاهور منتقل ڪيو آهي. جتي سندس مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا، پروفيسر اياز محمود موجب سندس ڪجهه ٽيست ٺيڪ آهن ۽ ڪجهه ٽيسٽ غير اطمينان بخش آهن جن ۾ رت جا ٽيسٽ شامل آهن. هن چيو ته ڪجهه علاج بعد اهي ٻيهر ٽيست ڪريون پيا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته تازين ٽيسٽن ۾ نواز شريف جي پليتيليٽس جو تعداد وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي 10 هزار مان وڌي 20 هزار ٿي ويو آهي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي. نوازشريف جو چيڪ اپ ۽ سمورين ضروري رپورٽس جو جائزو وٺڻ بعد اڳتي جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. هن وقت نواز شريد چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ جسماني رمانڊ تي نيب وٽ آهي. هن ڪيس ۾ سندس نياڻي مريم ۽ ڀائٽيو يوسف عباس اڳ ۾ ئي نيب گرفتار ڪيا هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته نوازشريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ساڻس ملاقات بعد ٻڌايو ته نوازشريف جي پليٽيليٽس جو انگ 10 هزار رهجي ويو آهي. جنهن لاءِ کيس نوجوانن جو خون لڳايو ويندو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڊينگي يا تيز بخار ۾ پليٽيليٽس گهٽجي ويندا آهن. ان کان اڳ نوازشريف جي طبيعت خراب ٿيڻ ۽ کيس اسپتال منتقل نه ڪرڻ خلاف نون ليگ جي ڪارڪن احتاج ڪيو هو. هنن نيب آفيس لاهور آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو هو، اسپتال منتقلي بعد ليگي ڪارڪن وڏي انگ ۾ سروسز اسپتال به پهتا ۽ نوازشريف جي حق ۾ نعرا هنيا. ان کان اڳ بيان جاري ڪندي نواز ليگ جي صدر ميان شهبازشريف چيو هو ته نوازشريف جي سرڪاري طبي رپورٽس ۾ سنگين خطرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، خطرناڪ نشانيون ظاهر ٿيڻ باوجود نوازشريف کي اسپتال منتقل نه پيو ڪيو وڃي. شهبازشريف جو چوڻ هو ته انتهائي نازڪ صورتحال باوجود نوازشريف کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ بي حسي ۽ بدترين سياسي انتقام آهي. شهبازشريف خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن نوازشريف کي ڪجهه به ٿيو ته عمران نيازي کي قاتل قرار ڏنو ويندو.

هوڏانهن سندس ناٺي ڪيپٽن صفدر جنهن کي پنجاب پوليس سومر تي ڀيرا مان واپس ايندي موٽر وي تان نفرت آميز تقريرون ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي تنهن الزام هنيو آهي ته نواز شريف کي نيب زهر ڏنو آهي، نيب اهڙو الزام رد ڪيو آهي. هوڏانهن نواز شريف جي پٽ حسين نواز ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سندس والد جا پيليٽيل خطناڪ حد تائين گهٽجي ويا آهن ۽ ائين پيو لڳي ته کيس زهر ڏنو ويو آهي. هن ميڊيڪل ٽيسٽ جي رپورٽ به شيئر ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو