نواز جي مولانا سان ملاقات، حڪومت سازي ۾ مدد جي درخواست

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي قائد ميان محمد نواز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ احسن اقبال، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، خواجا سعد رفيق ۽ مولانا غفور حيدري به شرڪت ڪئي.ان کان علاوه گورنر ڪي پي جي غلام علي ۽ نور عالم خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ نواز شريف مولانا فضل الرحمان کي ساڻس گڏ وڃڻ جي دعوت ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان نوازشريف کي ڀاڪر پاتو، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کان حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو