لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف نومبر ۾ چونڊن جو اشارو ڏيندي چونڊ مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.نوازشريف پاڪستان ۾ اهم پارٽي اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطا ڪيا آهن. ذريعن طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته موجوده حڪومت 11 يا 12 آگسٽ تي ختم ڪئي ويندي.نوازشريف طرفان پنجاب ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست ۽ چونڊ اتحاد تي اهم فيصلن جو امڪان آهي. پنجاب ۾ 30 سيڪڙو نوان چهرا ميدان ۾ لاٿا ويندا. ٽڪيٽن جي ورهاست جو مرحلو آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.سعودي عرب ۾ نوازشريف جي ملڪ واپسي جي حتمي تاريخ طئي ڪرڻ جو عمل جاري آهي. نوازشريف جي اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ مشاورت به جاري آهي.
