نوازشريف اين اي 15 تان شڪست قبول ڪري: مفتي

پشاور(ويب ڊيسڪ)جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مفتي ڪفايت الله جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي اين اي 15 مانسهره تي پنهنجي شڪست قبول ڪرڻ گهرجي. مفتي ڪفايت الله چيو ته اين اي 15 مانسهره ۾ ڪٿي به ڌانڌلي جي شڪايت ناهي، هو پاڻ اميدوار هو ۽ سندس ايجنٽ سمورن تڪن ۾ موجود هئا. هن چيو ته هو ۽ نواز شريف اين اي 15 تان هارائي چڪا آهن، نواز شريف کي پنهنجي شڪست قبول ڪرڻ گهرجي.مفتي ڪفايت الله وڌيڪ چيو ته نواز شريف جنهن بنياد تي عدالت وڃي رهيو آهي اهو تمام ڪمزور آهي، نواز شريف کي پرنس گيسٽاپ کي فتح تي مبارڪباد ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو