”ننڍي عمر ۾ شادي ڏوهه آهي، والدين، ملو ۽ گهوٽ گرفتار ٿيندا“

شهدادڪوٽ(شاهد اعواڻ) عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم پاران عورتن تي تشدد جي روڪٿام ، ننڍپڻ جي شادين ، مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ جڳهن تي عورتن جي حراسمنٽ کي روڪڻ ۽ سوشل ميڊيا تي وڌندڙ سائيبر ڪرائم جي قانون بابت ڄاڻ جي حوالي سان  3 ڏينهن وارو سيمينار منعقد ڪري عام ماڻهن کي ڄاڻ ڏني وئي. عورت فائونڊيشن پاران اين ڊي ايس آفيس ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙن وڪيلن ، پوليس عملدارن ، صحافين ، سماجي ڪارڪنن ، سوشل ويلفيئر کاتي جي عملدارن ، صحت کاتي جي عملدارن ، عورت ۽ مرد ڪائونسلرن ، ليڊي هيلٿ ورڪرن ، نڪاح خوان ، شاگردن ۽ استادن  سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عورت فائونڊيشن جي اڳواڻ ملڪا خان، ايڊووڪيٽ غزالا انجم ٽرينگ ڏيندي چيو ته عورتن تي تشدد جي روڪٿام سميت ننڍڙي عمر جي شادي کي روڪڻ ۽ شادي ۾ نڪاح خوان گهوٽ سميت ٻين وارثن کي قانوني طريقي سان گرفتار ڪري مٿن ڪاروائي جو  سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ٿيل آهي ۽ عورتن تي تشدد ڪرڻ ۽ ننڍڙي عمر ۾ شادي ڪرائڻ قانوني توڙي اخلاقي ڏوهه آهي.

هنن چيو ته مختلف شعبن اندر  ڪم  ڪندڙ جهڙوڪ ليڊي هيلٿ ورڪر ، بينڪنگ سيڪٽر ، تعليمي شعبي سميت ٻين پرائيويٽ ادارن ۽ ڪارخانن ۾ عورتن کي حراسمينٽ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ به قانون موجود آهي جڏهن ته تازو سوشل ميڊيا جي استعمال سبب پيدا ٿيندڙ مونجهارن ۽ ڏوهي سرگرمين کي روڪڻ لاء پڻ قانون سازي ٿي آهي جنهن کي سائيبر ڪرائم ايڪٽ سڏيو وڃي ٿو ۽ ان تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي هنن چيو ته اسيمبلين مان پاس ٿيل قانونن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ هر شهري جو بنيادي فرض آهي ان موقعي تي انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪن مراد پندراڻي ، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ شانل کوسو ، سلما ڀٽي ، ليڊي ڪائونسلر زاهده بروهي ، وحيده کوکر ، فوزيه منگي ، جنرل ڪائونسلر انيل ڪمار ، امتياز بروهي ، گل محمد بروهي ، ايڊووڪيٽ عبدالوحيد ڀٽي ، غلام محمد پٺاڻ ، سوشل ويلفيئر آفيسر رشيد الله بروهي ، پوليس عملدار اي ايس آء محمد حسن جوڻيجو، ڊاڪٽر برڪت سيلرو  سميت ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو