نمرتا جي پوئنرن سان تعزيتي سلسلو جاري، صحافي کي چماٽ

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير ) نمرتا جي اگني سنسار بعد سندس وارثن سان هندو توڙي مسلمانن، سياستدانن، سول سوسائٽي، سماجي اڳواڻن پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي. نمرتا جي والدين خودڪشي کي ڊرامو قرار ڏيندي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ان موقعي تي ان مهل بدمزگي ٿي وئي جڏهن ڊينٽل ڪالج جي وي سي

سي ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ بدران هڪ صحافي کي چماٽ وهائي ڪڍي. هوءَ آصفه ڊينٽل ڪالج جي شاگردن ۽  عملي سان گڏ ميرپور ماٿيلو ۾ شاگردياڻي نمرتا جي تڏي تي آيل هئي. تڏي تي ويٺل صحافين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ قومپرست اڳواڻن ساڻس نمرتا واقعي تي ڳالهايو ته هوءَ مڇرجي پئي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. وي سي پهرين ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام فتاح سميجو سان تيز آواز ۾ ڳالهايو ۽ چيو ته توهان وڃي ڇوڪريءَ جي والد سان ڳالهايو، پهرين ڳالهائڻ سکو. وي سي صحافي کي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ کان روڪيو، جڏهن صحافي رميش ڪمار وڊيو رڪارڊنگ روڪڻ کان انڪار ڪيو ته کيس چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ڌمڪي ڏني ته بدمعاش ڪنهن کي ٿو سڏين؟ اهڙو حشر ڪندي سانءِ جو ياد رکندين؟ نمرتا جو لاش هٿ اچڻ واري ڏينهن ئي وي سي ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان جاچ کان اڳ بيان ڏنو ۽ واقعي کي آپگهات قرار ڏنو، اهڙي بيان تي صحافي جڏهن کانئس سوال ڪيو ته هوءَ جواب ڏيڻ بدران ڪاوڙ ۾ اچي وئي. سنڌ يار سان ڳالهائيندي وي سي ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان اعتراف ڪيو ته هُن صحافي کي چماٽ هنئي آهي، ڇاڪاڻ جو هُن کيس بدمعاش سڏيو ۽ ڪير به اهڙي ٻولي برداشت نه ڪري سگهي ها، تنهن ڪري هُن ائين ڪيو. صحافي کيس بدمعاش سڏڻ جي ترديد ڪئي آهي.

هوڏانهن نمرتا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٺل سميت مختلف شهرن ۾ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ پکو سميت ڪجهه شهرن ۾ قتل جي جاچ لاءِ احتجاج به ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو