نقلي زرعي دوائن وڪرو،فصل تباهه ، آبادگارن جواحتجاج

ٺل(عبدالنبي شيخ) ٺل ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ آبادگارن جو لياقت سرڪي۔خان جعفري۔مراد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪرڻ خلاف مين بازار کان احتجاجي مظاهرو ڪري ٺل جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪيو جتي سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ڪندڙ چيو ته ٺل شهر ۾ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ سري عام دڪاندار وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري هن ڀيري ساريالين جو فصل سڙي ويو آهي جنهن ۾ اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن گهر ڪئي ته نقلي ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي۔

پهنجو تبصرو موڪليو