نشي جو عادي ظالم پيءُ معصوم پٽ کي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو

ڪنب (صفدر چانڊيو) ڳوٺ عارب سولنگي ۾ هيروئن جي عادي وزير علي عرف ڍولو سولنگي نشي جا پئسا نه هجڻ ڪري ساهرن وٽ ڪاوڙيل زال وٽان ٻن سالن جو معصوم پٽ ضامن علي کڻي اچي ڳوٺ ڀرسان تار وهندڙ علي بحر واھ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ڌنارن جي رڙين تي ڳوٺاڻا پهچي ويا ٻڏي ويل معصوم جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏھن ته ڳوٺاڻن ڪنب پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو جيڪا پڻ واقعي واري هنڌ پهچي پهچي ٻڏي ويل معصوم جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي. هوڏانهن ڪنب پوليس معصوم نينگر جي پيءَ وزير علي عرف ڍولو سولنگي کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته معصوم جي لاش جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو