نجي ڪلينڪ تي ويم لاءِ آيل عورت ٻار سميت فوت

ڪشمور (جي ايم کوسو) جامع مسجد لڳ ھڪ پرائيوٽ چاوله اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي سنيتا چاوله جي غلط انجيڪشن لڳائڻ جي ڪري 5 ٻارن جي ماءُ مسمات نظيران کي ويم لاءِ اسپتال ۾ آندو ويو جتي ڊاڪٽرياڻي جي انجيڪشن لڳائڻ کان پوءِ اوچتو مريض جي حالت خراب ٿي وئي جنھن جي ڪري مسمات نظيران ڌم ڌڻي حوالي ٿي وئي ۽ ان جي پيٽ جي اندر ٻار به مري ويو. ھوڏانھن مري ويل عورت جي مڙس عاشق حسين ملڪ سنڌ يار سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي گھرواري کي ڊاڪٽرياڻي سوئي ھڻي ڪري پنھنجي گھر ھلي وئي ۽ اسان جي بار بار رابطي ڪرڻ تي ڊاڪٽرياڻي نه آئي ان کان پوءِ منھنجي گھرواري نظيران تڙپي تڙپي مري وئي ۽ پيٽ اندر ٻار به مري ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو