ناني جي ملڪيت مان ماءُ جي حصي لاءِ نوجوان عدالت پهچي ويو

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ناني جي ملڪيت ۾ حصي لاءِ ڏوهٽو عدالت پهچي ويو. سيشن جج امداد علي کوسو جي عدالت ۾ درخواست گذار ڪامران ميمڻ ايڊووڪيٽ وحيد علي شيخ جي معرفت درخواست داخل ڪئي ته ڪجهه عرصو اڳ منهنجو نانو قمرالدين فوت ٿي ويو هو جنهن پنهنجي پويان مختلف بئنڪن ۾ 59 لک، 4 دڪان، 2 عدد رهائشي جڳهون ۽ ٻئي پراپرٽي ڇڏي آهي. منهنجي مامن مظهر علي، سڪندر علي ميمڻ اوهان جي ئي عدالت ۾ سڪسيشن لاءِ داخل ڪيل درخواست ۾ منهنجي ماءُ مسمات فريدان کي ناني جي ڌيءَ به نه ڄاڻايو آهي ان لاءِ مون کي پنهنجي ناني جي ملڪيت مان منهنجي امڙ جو حصو ڏنو وڃي. عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڌرين کي 30 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو