ناميارن اديبن خليل چانڊيو ۽ اصغر باغي جي جنم ڏڻ تقريب

ملير ( ڊر ) سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد پاران سنڌ جي ناميارن اديبن خليل چانڊيو ۽ اصغر باغي جي جنم ڏڻ تقريب ٿي گذري، تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سميت اديبن ۽ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ويجهڙ ۾ وڇڙيل اديبن بشير منگي، حاڪم علي شاهه ۽ ڊاڪٽر نظير شيخ جي مغفرت لاء دعائون، پروگرام ۾ سگهڙن ۽ شاعرن پنهنجون نڪور شاعريون پڙهي خوب داد حاصل ڪيو، اڀرندڙ راڳي لطف گل ميراڻي رات دير تائين سرن ورکا ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، خليل چانڊيو پنهنجين لکڻين ذريعي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪندو رهي ٿو، هو سنڌ جي ڪيترن ئي معاملن تي جدوجھد جي ميدان تي رهيو آهي، خالد عزيز جتوئي، اصغر باغي ديس جو يغانو عاشق ۽ سنڌ پرست ليکڪ آهي، هن ادبي سنگت لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ڪراچي جي قلمڪارن کي ميڙي مٺ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ جي سياسي ۽ ادبي حلقن ۾ اصغر باغي جهڙن مثبت سوچ رکندڙ ماڻهن جي اهم ضرورت آهي، نواز سومرو، غني ڪانڌڙو، ڊاڪٽر غفور ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد پاران سنڌ جي نامياري اديبن خليل چانڊيو ۽ اصغر باغي جي جنم ڏڻ تقريب سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جي سيڪريٽري نواز سومرو جي اوطاق تي ٿي گذري، ويجهڙ ۾ وڇڙيل اديبن بشير منگي، حاڪم علي شاهه ۽ ڊاڪٽر نظير شيخ جي مغفرت لاء دعائون گهريون، پروگرام ۾ سگهڙ احمد علي چانڊيو، ديدار ڀٽي ۽ شاعرن خليل چانڊيو، اصغر باغي، جمشید زهراڻي، شبير لاکو ۽ سفير جتوئي پنهنجيون نڪور شاعريون پڙهي خوب داد حاصل ڪيو، اڀرندڙ راڳي لطف گل ميراڻي رات دير تائين سرن ورکا ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، لطف گل ميراڻي تقریب ۾ ويٺل شاعرن خليل چانڊيو، اصغر باغي ۽ شبير لاکو جي شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو،خالد عزيز جتوئي ۽ اصغر لاشاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خليل چانڊيو پنهنجين لکڻين ذريعي قوم ۽ اتساهه پيدا ڪندو رهي، هو سنڌ جي ڪيترن ئي معاملن تي جدوجهد جي ميدان تي رھيو آھي، خليل چانڊيو سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ بهترين ليکڪ آهي، اصغر باغي ديس جو يغانو عاشق ۽ سنڌ پرست ليکڪ آهي، هن ادبي سنگت لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ڪراچي جي قلمڪارن کي ميڙي مٺ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ جي سياسي ۽ ادبي حلقن ۾ اصغر باغي جهڙن مثبت سوچ رکندڙ ماڻهن جي اهم ضرورت آهي هو سنڌي ادبي سنگت جو رابطا سيڪريٽري پڻ آهي، نواز سومرو، غني ڪانڌڙو، ڊاڪٽر غفور ۽ شبير لاکو تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سميت چنڊ نيوز جي چيف ايڊيٽر اسلم لانگهاھ، اصغر لاشاري، فيروز ڪيريو، جمشید زهراڻي، غلام رسول آرائين، ديدار ڀٽي، احمد علي چانڊيو، جمشید زهراڻي، سفير جتوئي، غني ڪانڌڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو