ناري جي اڳوڻو مڙس مان خطرو آهي، تحفظ ۽ انصاف ڏيو

میرپورماٿيلو(رپورٽ ظھيروسير) پسند جو پرڻو ڪندڙ زبيرميراڻي جي والده جي سرباراهي ۾ سند خاندن جي عورتن پريس ڪلب آڏو اهتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ٻڌايو ته عروسه ميراڻي ٻه سال اڳ پنهنجي مڙس زاهد ميراڻي کان طلاق وٺي اسان جي نوجوان زبير ميراڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو هو. جنهن بعد پريمي جوڙو دربدري واري زندگي گذاري رهيوآهي. هن چيو ته عروسه کي اسان جي نوجوان زبير مان هاڻ هڪ ڌي جي اولاد پڻ آهي. عروسه جو اڳوڻو مڙس زاهد ميراڻي ۽ عروسه جا وارث اسانجي نوجوان زبير ميراڻي ۽ عروسه ميراڻي کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن مان اسانجي جوڙي کي خطرو آهي. هن ٻڌايو ته اسان ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي عروسه  ميراڻي ۽ زبير ميراڻي جو نڪاح نامو به ڏنو آهي، اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو