نائيجيريا جي اسڪول مان هٿيار بندن هٿان 140 ٻار اغوا

ڪدونا (ويب ڊيسڪ) نائيجيريا جي اتر اولهه ۾ واقع شهر ڪدونا جي هڪ اسڪول تي هٿيار بند مليشيا حملو ڪري 140 اسڪولي ٻارن کي اغوا ڪيو آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب بيٿل بابٽسٽ اسڪول ۾ پڙهندڙ هڪ 15 سالن جي ڇوڪري جي والده ٻڌايو آهي ته موٽر سائيڪلن تي سوا هٿياربندن اسڪول تي قبضو ڪري ٻارن کي اغوا ڪري ٻيلي ۾ وٺي ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ عورت اسڪول ٽيچر سميت 26 ٻارن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو