نئين برطانوي هاءِ ڪمشنر جي مان ۾ استقبالي پارٽي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) برطانيا جي پاڪستان ۾ نئين هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪميشن پاران سندس مان ۾ فرينڪ ويلڪم پارٽي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عملي کانسواءِ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن اسٽاف کان مختلف معاملن بابت بريفنگ به ورتي. ان موقعي تي هن عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ جذبي ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو. ياد رهي ته جين ميرٽ سينئر ڊپلوميٽ آهي، ان کان اڳ هوءِ ڪينيا، يمن، افغانستان، عراق ۽ آمريڪا ۾ سفارتي خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو