نئون پاڪستان نه کپي، بلاول پاران عوامي رابطا مهم شروع

نوابشاهه (ن س) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ”نون پاڪستان نه کپي“ جو نعرو هڻي حڪومت خلاف عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلن ڪري ڇڏيو آهي. شهيد بينظير ڀٽو جي 66 هين سالگرهه جي موقعي تي نوابشاهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن وزيراعظم عمران خان تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته خان صاحب دعا ڪر، اوهان کانپوءِ آصف علي زرداري جي حڪومت اچي، اهو پلاند ناهي وٺندو، پر مولانا جي حڪومت آئي ته توکي سنگسار ڪيو ويندو ۽ نواز ليگ اقتدار ۾ ايندي ته اوهان جي گهر ۾ به نياڻيون آهن. هن چيو ته آصف علي زرداري کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پهريان به آصف علي زرداري 12 سال جيل ڀوڳي سرخرو ٿيو، هاڻي به عزت سان بري ٿيندو. هن وزيراعظم کي خبردار ڪندي چيو ته خان صاحب، ايترو ظلم ڪيو، جيترو برداشت ڪري سگهو. بلاول ڀٽو پنهنجي والد جي گرفتاري بابت چيو ته اهي چوندا هئا ته مونکي روئاريندار، پر مان پنهنجي پيءُ کي کلندي کلندي جيل لاءِ روانو ڪيو، ها تون، منهنجي ڀيڻ کي ضرور روئاريو ۽ بزدل ماڻهن کي ئي ائين ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي، تون ستر سال جو پوڙهو، مان 30 سالن جو نوجوان آهيان، منهنجو پوڙهو پيءُ کلندي کلندي جيل ويو. بلاول چيو ته نيب گردي ۽ حڪومت گڏو گڏ نه ٿيون هلي سگهن، مان سڀني جو حساب وٺندس، جن کي تو روئاريو آهي، اسان سڀ گڏجي هڪ هڪ ڳوڙهي جو حساب وٺنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس، پر عمران خان ته عليمه باجي سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي اين آر او ڏئي چڪو آهي. هن بجيٽ تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اها عوام دشمن، غريب دشمن ۽ سنڌ دشمن بجيٽ آهي. هن چيو ته حڪومت 18 هين ترميم ختم ڪرڻ چاهي ٿي، صوبي جون اسپتالون کسڻ چاهي ٿي. بلاول چيو ته ان بجيٽ سان اسان جي خودمختياري هلي ويندي، اها بجيٽ آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، جيڪا معاشي خودڪشي آهي، اڃا به اپوزيشن جا 2 ميمبر جيل ۾ آهن، انهن جي غيرموجودگي ۾ حڪومت ڌانڌلي سان بجيٽ پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ڪوشش ناڪام بڻائينداسين، جنهن جماعت ان عوام دشمن بجيٽ کي ووٽ ڏنو ته اهو به مهانگائي جو ذميوار هوندو. عوام لاءِ مهانگائي ۽ بيروزگاري، اميرن لاءِ وري ايمنسٽي اسڪيم آندي وئي آهي. بلاول ڀٽو اڄ کان سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم هلائڻ جو اعلان ڪندي جلسي چيو ته وفاق اسان جون اسپتالون کسي رهيو آهي، اسان پنهنجا حق کسڻ نه ڏينداسين، جيترو زور لڳايو، اسان ڊڄڻ، جهڪڻ، وڪامڻ ۽ پوئتي هٽڻ وارا ناهيون، هن ملڪ جو هر پٽ پنهنجو حق کسڻ نه ڏيندو، بلاول جلسي ۾ موجود ماڻهن کان پڇيو ته ڇا آئين کي ختم ڪرڻ ڏيندئو؟ مونسان گڏ جدوجهد ڪندئو، حقن لاءِ وڙهندئو، ظلم خلاف وڙهندئو، منهنجو ساٿ ڏيندئو؟ ۽ پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو نعرا هنيا” نه کپي، نه کپي، نئون پاڪستان نه کپي“. ياد رهي ته بلاول ۽ مريم رائيونڊ ملاقات ۾ حڪومت خلاف جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ هاڻي مسلم ليگ به پنجاب ۽ خيبرپختونخواه ۾ جلسا ڪندي. آصف علي زرداري جلسو پارليمان ۾ ويهي ڏٺو ۽ چيائين ته اڄ بلاول جي تقرير ٻڌي لڳو ته هو واقعي ليڊر آهي ۽ هن مهل تائين جي جلسن مان هي جلسو ۽ سندس تقرير بهترين هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو