مٽي ۽ پاڻي جي چڪاس واري ليبارٽري عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

نوشهروفيروز  (رپورٽ اسد علي عمراڻي )نوشهروفيروز ضلعي ۾ قائم مٽي ۽ پاڻي جي چڪاس واري ليبارٽري عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل ، آفيسر آفيس مان اڪثر غيرحاضر رهڻ لڳو ، ڪيترائي ملازم منٿلي عيوض گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا کاتي جو ڪم ٺپ ٿي ويو ، ملندڙ بجيٽ به ڪيمسٽ پاران هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان سلسلي ۾ انتهائي ويجهڙن ذريعن پاران مليل ڄاڻ موجب مٽي ۽ پاڻي جي چڪاس لاءِ قائم ٿيل ليبارٽري جي جنهن ڏينهن کان چارج ڪيميسٽ شڪيل احمد ٻٻر سنڀالي آهي ان ڏينهن کان کاتي جو ڪم ڪار ٺپ ٿي ويو آهي ان جو هڪ سبب اهو آهي ته آفيسر آفيس مان 26 ڏينهن گم رهي ٿو باقي پهرين تاريخن ۾ اچي منٿلي جا پئسا اوڳاڙي ڪندڙ پنهنجي کاٽو پٽ ملازمن جن ۾ امداد ٻرڙو ۽ محمد عيسى ميمڻ شامل آهن انهن سان حساب ڪتاب ڪري ميڙي واپس هليو وڃي ٿو ڪرپشن ۾ مهارت رکندڙ هي ڪرپٽ ڪامورو جنهن آفيس ۾ رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب کاتي جو سڄو ڪم ڊانواڊول لڳو پيو آهي ذريعن اهو پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيميسٽ شڪيل ٻٻر جي پير پائڻ کان پوءِ سرڪار پاران آفيس جي رنگ روغن ، رپيئرنگ ، فرنيچر ، تيل جي مد ۾ ملندڙ لکين روپين جي بجيٽ جي ڪاغذي ڪاروائي ڏيکاري ڪوڙا ووچر وٺي آفيسر ۽ سندس کاٽو پٽ حصو پتي ڪري هڙپ ڪري ويا آهن هن ڪيميسٽ کي کاتي جي ڊي جي جو آشيرواد هجڻ ڪري سندس خلاف ڪوبه عملدار قدم کڻن جي لاءِ تيار ناهي ۽ هي ڪرپٽ آفيسر شڪيل ٻٻر توڙي سندس ڪلارڪ امداد ٻرڙو ۽ محمد عيسى ميمڻ سان ڳٺ جوڙ ڪري کاتي ۾ ڪم ڪرڻ بدران کاتي کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي رهيا آهن پر اهڙي صورتحال تي ڪوبه اعلى عمدار توجهه ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي ذريعن موجب ليبارٽري ۾ ڊيپوٽيشن تي ويٺل ملازمن سميت 20 کان مٿي ملازم جن ۾ چوڪيدار ، ڪلارڪ ، پٽيوالا ، ٽئڪنيشن ۽ ٻيو عملو ٽي کان پنج هزار روپيا منٿلي ڏئي ڊيوٽين کان آجا لڳا پيا آهن ۽ آفيسر مال ميڙڻ ۾ پورو آهي هتان جي ساڃاهه وند ڌرين مٽي ۽ پاڻي جي چڪاس واري ليبارٽري جي اهڙي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سيڪريٽري ايگريڪلچر ، صوبائي وزير زراعت ، اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ، سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوشهروفيروز ضلعي اندر قائم مٽي ۽ پاڻي جي چڪاس واري ليبارٽري ۾ ٿيندڙ رشوت خوري ۽ ڪرپشن توڙي ويزا سسٽم جو نوٽيس وٺي ڪرپشن ۽ رشوت خوري ۾ ملوث عملدار ۽ ٻئي عملي خلاف صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪري کين هٽائي ايماندار آفيسر ۽ عملو مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو