موڪل ڏينهن شهبار جو نالو اِي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو،مريم

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ(ن) شهبازشريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف گهرو وزارت کي نظرثاني درخواست نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهبازشريف ڪنهن به منصوبي ۾ ڪرپشن نه ڪئي آهي، هن کي عدالت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي شهبازشريف کي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي چڪي آهي،شهبازشريف کي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو، هن کي سفر جي اجازت نه ڏني وئي ۽ سبب ٻڌايو ويو ته نوٽ پيڊ ناهي،ان ڪري نٿو وڃي سگهجي، شهبازشريف جو نالو  اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ هي سپريم ڪورٽ ويا پر اتي به کين جواب مليو.هن چيو ته شهبازشريف کي روڪي عدالت جي توهين ڪئي وئي آهي ۽ اها عمران خان جي حڪم تي ڪئي وئي، عمران خان شهبازشريف جي خوف ۾ مبتلا آهي اهوئي سبب آهي جو موڪل واري ڏينهن اميگريشن، ايف آءِ اي ۽ نيب جون آفيسون کوليون ويون، هي معاملو هاڻ شهبازشريف يا نوازشريف جو نه پر لاهور هاءِ ڪورٽ جو آهي. 

پهنجو تبصرو موڪليو