موٽر وي پوليس جي غيرمحفوظ گيس سلينڊر هٽائڻ جي مهم

سڪرنڊ )رپورٽ راج ڪمار اوڏ( عوامي گاڏين ۾ لڳل غيرمعياري گيس سلينڊرن خلاف نيشنل هاءِ وي تي موٽر وي پوليس جو آپريشن جاري آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، نواب شاه، مورو، سکهر ۽ پنجاب روٽ کان ايندڙ ويندڙ ڪارن، بسن، ويگنن ۽ ٻين گاڏين ۾ لڳل غير تصديق يافته ۽ عير محفوظ گيس سلينڊرلاهڻ جو سلسلو جاري آهي. موٽر وي پوليس بيٽ 32 جي ڊي ايس پي ارباب علي زرداري پنهنجي ٽيم سان گڏ چڪاس بعد گيس سلينڊرهٽائي رهيو آهي. اهڙين گاڏين تي ڏنڊ پڻ وڌو آهي. جڏهن ته ڪجهه گاڏين تي ڪيس داخل ڪري انهن کي هيڊ آفيس ۾ بند ڪيو ويو آھي. جڏهن ته ڪجهه گاڏين کي وارننگ ڏئي ڇڏيو ويو آهي. ان آپريشن ۾ منظور ڪيريو، ماروي ڪامران، ناظم علي ۽ شاهد علي شامل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو