ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موٽر وي تي جانورن سان ڀريل گاڏين جي داخلا تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.موٽر وي پوليس جي ترجمان چيو ته اهو فيصلو عيد الاضحيٰ دوران عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽرئفڪ جي وهڪري کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اوور لوڊ ٿيل ۽ غير مناسب گاڏيون سنگين حادثن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.موٽر وي پوليس موجب، جانورن سان ڀريل گاڏين کي متبادل ۽ محفوظ رستن ڏانهن موڙيو ويندو.پنجاب ۽ خيبر پختونخوا پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته داخلا پوائنٽن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪن.موٽر وي پوليس جي ترجمان چيو ته چوپائي مال ۽ انٽرچينج جي ويجهو غير قانوني پارڪنگ خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي.










