مولانا جي ڌرڻي ۾ شرڪت نه پر اخلاقي حمايت ڪبي،بلاول

ٿاڻو بولا خان (ن  س) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  حڪومت مخالف لانگ مارچ ۽ اسلام آباد ڌرڻي جي حوالي سان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي سِر اعلان ڪيو هو، پيپلز پارٽي سندس ڌرڻي جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت ڪندي پر ان ۾ شرڪت نه ڪندي.  ٿاڻو بولا خان ۾ پارٽي جي،  ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو  هڪ سوال تي چيو ته وزيراعظم پاران ڪراچي جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي غيرآئيني آهي. هن چيو ته حڪومت ڪميٽي پويان ڪمٽي ٺاهي ڊرامي بازي بند ڪري، ڪراچي جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي غير آئيني آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  جي ڊي اي ۽ ڪٺ پُتلي اتحاد جي منشور ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري ڳالهه هئي، ڪراچي ڪميٽي جو قيام به اُن سلسلي جي ڪڙي آهي. مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد واري ڌرڻي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته مولانا فضل الرحمان پهرين پاڻ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي حوالي سان اعلان ڪيو هو. پيپلز پارٽي ڌرڻا سياست ۾ نه رهي آهي. تنهن ڪري مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت ڪئي ويندي. هن چيو ته ماضي ۾ لڳل سڀني ڌرڻن جي اسين مخالفت ڪئي، چاهي عمران، قادري ۽ لبيڪ جا ڌرڻا هجن، اسين مخالفت ڪئي هئي. اسين مولانا سان اک ۾ اک ملائي نٿا ڏسون. اسين مولانا سان اک ۾ اک ملائي نٿا ڏسون، هو  جڏهن اسلام آباد ۾ هوندو ته مان سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪندس ۽ اسانجو مقصد ساڳيو آهي ته ڪٺ پتلي ۽ نااهل وزيراعظم کي هٽايو وڃي، جنهن معيشت برباد ڪئي آهي ۽ ڪشمير سميت قومي سلامتي بابت ڪمزور موقف اختيار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو