مولانا جو شريف برادران سان رابطو، مهنگائي خلاف تحريڪ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.  ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن مهانگائي خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو.  مولانا فضل الرحمان نواز شريف سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ٻنهي سان ڳالهه ٻولهه بعد مولانا سڄي ملڪ ۾ مهانگائي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي ٻين اپوزيشن جماعتن سان گڏجي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي به اتفاق ڪيو. تحريڪ دوران سڄي ملڪ ۾ احتجاج، ريليون ۽ مارچ ٿيندا. شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ايڏي وڏي مهانگائي ڪئي پر پوءِ به آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، هاڻي حڪومت اها مهانگائي واپس وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو