مولانا، احتجاج 27 آڪٽوبر تي نه ڪيو: شاهه محمود جي درخواست

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشيءَ پاران عام پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ جي شروعات 27 آڪٽوبر واري ڏينهن بجاءِ ڪنهن به ٻئي ڏينهن کان ڪري. وفاقي وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بوڪ تي وڊيو شيئر ڪندي مولانا فضل الرحمان کي چيو آهي ته هو ان ڳالهه تي نظرثاني ڪري ڇو ته 27 آڪٽوبر 1947 واري ڏينهن ڀارتي فوج پاران سري نگر تي يلغار ڪري ڪشمير مٿان زبردستي قبضو ڪرڻ سبب سمورا ڪشميري ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا آهن. شاهه محمود قريشيءَ اهو پڻ چيو آهي ته مان وزيراعظم کي به چوندس ته اهو ڏينهن پاڪستان ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي ۽ مولانا جيئن ته ڪشمير ڪميٽيءَ جو چيئرمين به رهي چڪو آهي ن ڪري ڪشمير ڪاز سان جُڙيل ڏينهن تي احتجاج نه ڪري ته بهتر ٿيندو. باقي احتجاج سندس جمهوري حق آهي ۽ مولانا پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو