مور ن جي بيماري تي ضابطو نه آيو،وڌيڪ ڏهه مور مري ويا

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير ) ٿر جي سونهن مور پکين  ۾ پکڙيل بيماري تي ضابطو نه آيو،ڳوٺ ميهاري بجير ۾ 10 مور مري ويا،ڪيترائي بيمار،لاڳاپيل کاتو خاموش.ٿر جي سونهن ۽ حساس پکي مورن ۾ پکڙيل بيماري تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب مور پکين جي مرڻ جو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌنڌو پيو وڃي اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ ڪيهڙي کانپوء ڳوٺ ميھاري بجير ۾ به گذريل ڏينهن وڌيڪ  10 مور مري ويا آهن ۽ ڪيترائي مور بيماري ۾ ورتل آهن پر اڃا تائين لاڳاپيل کاتي نوٽس ناهي ورتو جنهن سبب مورن جو نسل خطري ۾ پئجي ويو آهي ڳوٺاڻن ڀائيخان بجير بچل بجير ۽ ٻين چيو ته بيماري سبب مور پکي اکين جي نور کان محروم ٿي وڃن ٿا ۽ گلي ۾ گوڙيون ٿي وڃن ٿيون جنهن بعد مور ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃن ٿا اسان جي ڳوٺ ۾ مورن جو وڏو تعداد آهي اوچتو پکڙيل بيماري سبب 10 کان مٿي مور مري ويا آهن ۽ ڪيترائي بيماري ۾ ورتل آهن ڳوٺاڻا وس آهر هٿ ڏس علاج ڪن ٿا پر فرق نٿو پوي هنن چيو ته بيماري تي ترت ڪنٽرول نه ٿيو ته مورن جو نسل خطري ۾ پئجي ويندو ڳوٺاڻن وائلڊ لائيف کاتي کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ترت نوٽس وٺي بيمار مورن کي بچايو وڃي ته جينئن ٿر جي سونهن مور پکي جو نسل بچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو