نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)مورو ويجھو قومي شاهراھ ٻئين ميل وٽ تيز رفتار ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر سبب فوتين جو انگ 8 ٿي ويو. سڀني فوتين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي. فوت ٿيندڙن ۾ سميع الله ولد لال بخش ٻرڙو، 20 ورهين جي هما اياز ڌيءَ اعجاز ٻرڙو،17 ورهين جي دعا اياز ڌيءَ اعجاز ٻرڙو، 15 ورهين جي وحيدان ڌيءَ اعجاز ٻرڙو،7 ورهين جو فيضان سميع پٽ سميع الله ٻرڙو، 3 ورهين جي سميرا ڌيءَ سميع الله، فائزه زال سميع الله ٻرڙو، 6 ورهين جو محسن نواز پٽ عامر نواز ٻرڙو شامل آھن جن جو تعلق ميرپور ٻرڙو سان آهي. جڏھن تہ واقعي دوران ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ پير غلام حسين پڻ پھتو ۽ ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر اسدالله ڪلھوڙو پوري ڊاڪٽرن جي ٽيم سان پھتو ۽ ڊيوٽي سرانجام ڏني. ان موقعي تي فوتين جي وارثن ٻڌايو تہ اسان عيد ڪري واپس ڪراچي وڃي رھيا ھئاسين تہ اھڙو حادثو پيش آيو ۽ اسان جا 8 گھر ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا آھن جيڪو الله پاڪ طرفان ٿيڻو هو سو ٿي ويو. حادثي جو شڪار فيملي مختيارڪار ڪشمور اعجاز ٻرڙو جي ھئي جنھن ۾ سندس چار نياڻيون، 2 ڏوھٽا ھڪ ڏوھٽي ۽ نياڻو شامل ھو. قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش ايمبولينس سروس ذريعي ڳوٺ منتقل ڪيا ويا.
