مودي کٽي ويو، 28 تي حلف کڻندو، اداڪار به ڪامياب

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي 543 سيٽن مان حڪمران جماعت ڀارتي جنتا پارٽي ۽ سندس اتحادين کي ابتدائي نتيجن مطابق 300 سيٽون ملي ويون آهن ۽ هو آرام سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهن. پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ٽوئٽر ذريعي نريندرمودي کي مبارڪباد ڏيندي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار نڀائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. اليڪشن کان اڳ به عمران خان غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته مودي سرڪار اچڻ سان ڪشمير جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن نريندرا مودي وڪٽري اسپيچ ۾ ” ڀارت تنهنجي مهرباني“ چوندي سياسي مبصرن ۽ ناقدين کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته پنهنجو قبل درست ڪيو ۽ 20 هين صدي ۾ دماغ به ٺيڪ ڪريو، سيڪيولرازم جو برقعو مٽايو، حقيقت پسند ٿيو. مودي 28 مئي تي وزيراعظم جو ٻيهر حلف کڻندو. ابتدائي نتيجن موجب ڪانگريس کي 49 سيٽون مليون ۽ سندن بدترين شڪست جو خطرو آهي. راهول گانڌي اميٺي واري گهر جي سيٽ هارائي ويو پر سندس والده سونيا گانڌي راءِ بريلي مان کٽي وئي آهي. ڀارت جي 7 مرحلن ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ اداڪارن ۽ رانديگرن به حصو ورتو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. اداڪاره ارميلا، شترو گن سنها، هيما مالني، راج ببر، سمريتي ايراني، مذهبي اسڪالر اسد الدين اويسي، سني ديول، ڪامياب ٿي ويا آهن جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽر گوتم گمبهير۽ اڳوڻي آرمي چيف وي ڪي سگنهه مخالفن کان اڳتي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو