موبل چوري جو شڪ، مستري گرفتار، پوليس جو سخت تشدد

ڏهرڪي(وجي ڪمار) چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيل مڪينڪ مستري کي ٽن ڏينهن تائين نجي جڳهن تي قيد ڪري ڄنگهن ۽ ويهڪ واري جاءِ تي انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ٽن ڏينهن بعد بيهوشي واري حالت ۾ مستري کي پوليس رستي تي ڦٽو ڪري وئي. اينگرو چوڪ تي ورڪشاپ تي مڪينڪ مستري جو ڪم ڪندڙ صادق آباد واسي محمد اقبال رحماني کي ورڪشاپ مالڪ يوڊسٽر لعل موبل آئل چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ڏهرڪي ٿاڻي تي گرفتار ڪرايو هو . مستري اقبال احمد ڏهرڪي اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ ورڪشاپ مالڪ يوڊسٽر لعل چيو ته منهنجو موبل آئل چوري ٿيو آھي ان پوليس گهرائي مون کي گرفتار ڪرايو، هڪ رات پوليس مون کي ڏهرڪي ٿاڻي تي تشدد ڪندي رهي ۽ پوءِ رهڙڪي چوڪي ۽ مختلف جڳهين تي رکي مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هن چيو ته منهنجي ويهڪ واري جاءِ تي ايترو تشدد ڪيو ويندو هو جو مان ڪيترائي ڀيرا بيهوش ٿي ويس پر پوليس چيو ته ٽي لک ڏئي پوءِ توکي آزاد ڪنداسين. جڏهن هڪ ڀيرو بيهوش ٿي ويس ته پوليس ڦٽو ڪري هلي وئي. انصاف ڪيو وڃي، ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته اقبال کي گرفتاري بعد ۾ آزاد ڪيو ويو آھي تشدد ناهي ڪيو. هوڏانهن يوڊسٽر لعل چيو ته منهنجي چوري ٿي آھي، ان ۾ اقبال ملوٽ آھي، مان گرفتار ڪرايو هو پر تشدد جي ڪا خبر ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو