منهنجي مواخذي جو سڄو عمل جعلي آهي؛ ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منهنجي خلاف مواخذي جو سڄو عمل جعلي آهي ۽ کاٻي ڌر جي انتهاپسند ڊيموڪريٽس نفرت جي پارٽي بڻجي وئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته منهنجو مواخذو مون سان ناانصافي آهي منهنجي مواخذي جو سڄو عمل جعلي آهي. کاٻي ڌر جي انتهاپسند ڊيموڪريٽس نفرت جي پارٽي بڻجي وئي آهي جڏهن ته ڊيموڪريٽس بيڪار ۽ آمريڪا لاءِ تمام خطرناڪ آهي. ٽوئٽر تي صدر ٽرمپ جي ٽيم طرفان چيو ويو آهي ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو ڊيموڪريٽس ان متعلق پنهنجي بيان کان هٽي وئي آهي. ڊيموڪريٽس چيو هو ته مواخذي جي ڪارروائي غير جانبدار هوندي پر هو هاڻي مڪمل طور جانبدارانه ڪارروائي ڪري رهي آهي. ٽرمپ ٽيم جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا جي ڪنهن به صدر ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو ٽرمپ ڪيو آهي. ڊيموڪريٽس صرف ڊونلڊ ٽرمپ کي ان جي عهدي تان هٽائڻ چاهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان کي معلوم آهي ته 2020 جي اليڪشن ۾ به هو ٽرمپ کي شڪست نه ٿا ڏئي سگهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن صدر ٽرمپ خلاف مواخذي جي ڪارروائي ٻڌندڙ جوڊيشري ڪميٽي صدر ٽرمپ جي مواخذي جي منظوري ڏني هئي. مواخذي جي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن بعد باضابطه ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو