منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، شراب هٿ، 2 جوابدار سوگها

مٽياري (رياض چانڊيو) ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو جي سخت هدايتن بعد مٽياري ضلع پوليس منشيات فروشن خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن ان سلسلي ۾ مٽياري پوليس ڊي ايس پي مٽياري ۽ ايس ايڇ او مٽياري جي اڳواڻي وڏي پوليس نفري سان مٽياري ويجهو ڳوٺ ميمڻ ڪي وسي ۾ ٻن الڳ الڳ جاين تي ڇاپا هڻي منشيات فروشن نظر مجيداڻو ۽ قمر مجيداڻو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 500 ليٽر ڪچو شراب، ان ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۽ 300 کان وڌيڪ مين پڙيون هٿ ڪري ورتيون آهن. جڏهن ته منشيات فروش علاءُالدين، الله بچايو عرف پوڙهو ۽ منور مجيداڻو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان موقعي تي ايس ايڇ او مٽياري اعجاز سومرو ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڊي ايس پي مٽياري ۽ منهنجي اڳواڻي ۾ پوليس پارٽي ايس ايس پي صاحب جي حڪم تي ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب، مين پڙي ۽ ان جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل هٿ ڪري ورتو آهي جوابدارن خلاف مٽياري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو