ملڪ ۾ ڪوورنا وگهي وڌيڪ 56 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪوورنا وگهي وڌيڪ 56 مريض فوت ٿي ويا آهن ۽  2 هزار 697 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن . ڪورونا سبب ٽوٽل  فوتين جو تعداد 20 هزار 736 ٿي ويو آهي  اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دورن 55 هزار 965 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ڪورونا 2 هزار 697 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي طرح هاڪاري ڪيسن جي شرح 4 ڏهائي 81 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪل ڪيسز جو تعداد9 لک 62 هزار 697 ٿي ويو، ٻئي پاسي گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سنڌ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو