ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 83 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن، وڌيڪ 83 ڄڻن جون فوتگيون ريڪارڊ ڪيون ويون.پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 30248 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1531 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس 83 فوتگيون ٿيون.سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 5.06 سيڪڙو رهي.سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 19467 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسز 8 لک 74751 تائين پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو