ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 78 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار 447 مريض رپورٽ ٿيا. اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وبا جا وڌيڪ 3 هزار 447 مريض جڏهن ته 78 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 37 هزار 756 ٽيسٽ ڪيا ويا.جڏهن ته اڃان تائين ملڪ ۾ 12 لک کان وڌيڪ ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 80 هزار 375 ٿي ويو آهي. 

پهنجو تبصرو موڪليو