ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 59مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ هاڻ هن وبا سبب متاثر نون ڪيسن جي شرح 2.39 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ گڏيل طور تي 35 هزار 039 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 838 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي. اهڙي طرح ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 2.39 سيڪڙو رهي.ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل هاڪاري ڪيسز جو انگ 9 لک 43 هزار 027 ٿي ويو آهي. جن مان 8 لک 80 هزار 316 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 59 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل انگ 21 هزار 728 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسز جو انگ 40 هزار 929 ٿي ويو آهي. جن مان 2 هزار 611 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو