ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 135 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وار جاري آهن گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 135ڪورونا جا مريض فوت ٿي ويا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران  ڪورونا جا 29هزار 801 ٽيسٽ ڪيا ويا ، جن مان 2هزار566 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته  وڌيڪ 135  وائرس متاثر فوت ٿي وياآهن.سرڪاري رپورٽ مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 8.61 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ ڪورونا سبب ٽوٽل فوتين جو تعداد 19هزار752 ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جي ڪل تعداد 8لک82هزار928 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هينئر تائين 7لک95هزار511 ماڻهو ڪورونا وائرس کان صحتياب ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه ، سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 9لک64هزار کان وڌيڪ ماڻهن  کي ڪورونا وائرس جي خلاف ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو