ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 131 مريض فوت

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 131 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ  جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 51هزار130 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا ، جن مان 4هزار207 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي ، جڏهن ته 131 ڪورونا جا مريض فوت ٿي ويا آهن.سرڪاري رپورٽ موجب ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 8.22 سيڪڙو هئي.ملڪ ۾ ڪورونا سبب ٽو ٽل فوتين جو تعداد 19987 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيسن جو ڪل انگ 8لک90هزار391 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته هن وقت تائين 8لک4هزار122 ماڻهو وائرس کان صحتياب ٿي چڪا آهن.ان کان علاوه ، سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 11لک56هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي  ڪورونا وائرس جي ويڪسين ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو